جادو ۽ سائنس

جادو ۽ سائنس (ڪتاب ):هي ڪتاب سر جيمس جارج فريزر جي انگريزي ڪتاب Golden Bough جي 14 جلدن جي اختصار جو سنڌي ترجمو آهي، ۽ سومار علي سومري ترجمو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب علم الانسان جي گوناگون شاخن مان هڪ شاخ سان وابسته آهي. هن ۾ مختلف دؤرن ۾ انسان جي مختلف ڳالهين سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ انسان جي مختلف حالتن جو ذڪر آهي. هن ۾ جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان سائنس تائين جي ترقي ڏيکاريل آهي. هيءُ ڪتاب 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ٽن جلدن ۾ شايع ڪيو هو. 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ٽيئي جلد گڏي شايع ڪيا آهن. رنگين ٽائيٽل، ڊيمي سائيز ۽ 568 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت -/300 روپيا رکي وئي آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو